ڌيرڻ شاهه جو قبرستان

ڌيرڻ شاهه جو قبرستان: هي سترهين صدي عيسويءَ جو ماڳ آهي، جيڪو نوابشاهه کان نَوَ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڄام صاحب روڊ تي واقع آهي. هتي ڌيرڻ شاهه جي مزار آهي، جنهن جي مٿان پڪي چوکنڊي ٺهيل آهي. وهمي ماڻهو قبرستان ۾ بيٺل پراڻي ڪنڊيءَ جي وڻ جي ٿڙ جي سوراخن مان اهڙن ننڍڙن ٻارن کي ٽپائيندا آهن، جن کي ارڙي، ٻاراڻو، وڏي کنگهه يا مدي جو بخار وغيره جھڙيون بيماريون هونديون آهن. چون ٿا ته اهي ٺيڪ ٿي وڃن ٿا. ڪنڊيءَ جي ٿُڙ جي گولائي اٽڪل ڏهه فوٽ آهي، جنهن جي نهري ٿڙ ۾ زمين جي سطح جي برابر هڪ فوٽ جا ٻه گول قدرتي سوراخ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو